طوفان (فلم)

طوفان (فلم)

طوفان فلم

طوفان (فلم): هيءَ سنڌي فلم 25 سيپٽمبر 1987ع تي رليز ٿي، فلم جو پيشڪار پرديس خان، فلمساز اي ايڇ صديقي ۽ معاون فلمساز مسافر سرحدي هو. هن فلم جو شاعر سائل آزاد ۽ موسيقار ستار حسن هو. هن فلم لاءِ گيت علڻ فقير، سجاد يوسف ۽ حميرا چنه ڳايا. هن فلم جا سڀئي گيت شاعري ۽ موسيقيءَ جي حوالي سان مشهور ٿيا. علڻ فقير جي آواز ۾ ڳايل سائل آزاد جا ٻول: ”جڳ ڏکن سکن جو ميلو آ، ميلي ۾ ڪو اڪيلو آ“، مقبول ٿيو. هن فلم ۾ علڻ فقير بطور اداڪار به شامل هو. فلم ۾ روشن عطا، وسيم، حسينا، ريٽا، ملڪ انوکو، بابر سلطان ساقي، شهباز دراني، اسد قريشي، زاهد ابڙو، پروين بوبي، نسرين ناز، رشيد صابر، ابو راهي، شاهد ٽالپر ۽ مسافر سرحدي شامل آهن. هي فلم فاٽا فلمز پاران سنڌ جي سڀني وڏن شهرن جي سئنيما گهرن ۾ هڪ ئي وقت پيش ڪئي وئي، جن ۾ اوڊين (صدر ڪراچي)، نشاط (حيدرآباد)، پيراڊائيز (سکر)، رائل (لاڙڪاڻو)، نشاط(نوابشاهه)، جهڙا مشهور سئنيما گهر شامل هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1987.09.25  عيسوي

طوفان سنڌي فلم 25 سيپٽمبر 1987ع تي رليز ٿي، فلم جو پيشڪار پرديس خان، فلمساز اي ايڇ صديقي ۽ معاون فلمساز مسافر سرحدي هو.



مختلف - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باگو
زرعي سڌارا
پوتڙو
پرو چانڊيو
پنج سنجي
بهشتي1
ترائي1
دٻڪي
ايزڪ
چاڪلا
مختلف ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون